SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


قومي شاعري


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

قومي شاعري

(National Poetry)

قوم ساڳي ۽ مخصوص حدن ۾ رهڻ وارن ماڻهن کي چئبو آهي. سندن ٻولي، تهذيب، ثقافت هڪجهڙي هوندي آهي. سندن ادبي، ثقافتي ۽ لساني روايتون به ساڳيون هونديون آهن. اها شاعري جنهن ۾ ڪنهن به قوم جي تهذيب، تمدن، رسم و رواج، جذبات، اخلاق، غيرت، حب لوطني، خواهه روحانيت جو نقشو چٽيل هجي، ان کي قومي شاعري چئجي ٿو. سنڌي قوم هڪ قديم قوم آهي. سنڌي شاعري ۾ قومپرستيءَ جو رجحان انتهائي پراڻو آهي. سومرن جي دَور ۾ رزميه ڳاهيون، دودي چنيسر بابت شاعري، سمن جي دَور ۾ شيخ حماد ۽ نوح هوٿياڻيءَ جي ڄام تماچيءَ لاءِ دعايه شاعري، شاهه ڪريم جي ڪلام ۾ مقاميت نگاري ۽ شاهه جي سڄي شاعري سراپا قومي آهي. سمن سومرن جي دَور ۾ سنڌي سورهين جا داستان، ڀٽائيءَ جي وطن پرستيءَ تي مشتمل خاص ڪري سر مارئيءَ واري شاعري ۽ جديد شاعريءَ جو وطن پرستيءَ وارو سمورو مواد قومي شاعريءَ ۾ اچي وڃي ٿو. سچل سرمست ۽ ٻين ڪلاسيڪل شاعرن جي شاعريءَ ۾ قومي لاڙا ۽ تحريڪون آهن. انگريزن جي دَور ۾ ترقي پسند تحريڪن هيٺ قومپرستيءَ هڪ لاڙي جي شڪل اختيار ڪئي. آزاديءَ کانپوءِ ون يونٽ واري حالتن ۾ اسرندڙ سڄي شاعري قومپرستيءَ جي تحريڪ اختيار ڪري وئي. موجوده دَور ۾ شيخ اياز، استاد بخاري، عبدالڪريم گدائي، قمر شهباز، شمشير الحيدري، تنوير عباسي، نجم عباسي، تاجل بيوس، امداد حسيني، تاج بلوچ ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر قومي شاعريءَ جي ڪري مشهور آهن.


Remember Me Also:

چرياڻ

ذ. صفت. چَريو ، بيوقوف. زوردار. بي پرواهه ، مَستُ ، مَٿي ڦِريَلُ. ڏسو ”چريو“.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal